اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آ??ي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏ??ن ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن، چونڊن وا??ي ڏينهن شهرين، پولنگ عم??ي ۽ پولنگ اسٽيشنن کي درپيش خطري سبب موبائيل سروس بند ڪئي وئي جنهن جي وضاحت گهرو وزارت ڪري چڪي آ??ي، اسان لاءِ شهرين جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ وڌيڪ اهم هو. اها ڳالهه هن نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن وا??ي ڏينهن موبائيل سروس جي معطلي بابت گهرو وزارت وضاحت ڪري چڪي آ??ي، اسان لاءِ شهرين جون زندگيون اهم هيون، شهرين ،پولنگ اسٽاف ۽ پولنگ اسٽيشنن کي خطرا هئا، شهرين جي چرپر کي محفوظ بڻائڻ اسان لاءِ ضروري هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊن جي عم?? ۽ چونڊن جي تاريخ تي هميشه تڪرار رهيا ??هن. 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن تي به تڪرار هئا. هن چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي. اسان پرامن شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آ??ي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏ??ن ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت اقتدار جي منتقلي جو طريقو موجود آهي، چونڊن جا سرڪاري نتيجا لاڳاپيل اسيمبلين تائين پهچندا ته موجوده اسپيڪرز اسيمبلين جو اجلاس گهرائيندا، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ جڏهن حلف کڻندا ته نگران حڪومتون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون.