اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ??ومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کي خلوص نيت سان عوام جي اجتماعي ??سئ??ن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ جي موقعي تي پنهنجي الوداعي خطاب ۾ هن چيو ته ايوان جو 22 هون اسپيڪر بڻجڻ هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته ??ون چونڊيل ميمبرن کي ديانتداري ۽ خلوص نيت سان عوام جي اجتماعي ??سئ??ن ۽ قوم کي درپيش ??سئ??ن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ تي پنهنجي تا??يخي خطاب ۾ هن ايوان کي مڪمل اختيارن جو مالڪ ۽ بهترين ادارو قرار ڏنو هو. هي اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان گڏيل تعاون ذريعي ??سئ??ن جو حل تلاش ڪريون. هن چوڻ هو ته ??ي ايوان عوام جي اجتماعي شعور جو ادارو آهي، عوام جون نظرون اسان سڀني تي آهن، اسان کي پنهنجي طرز عمل سان ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، محمد نواز شريف، ميان شهباز شريف ۽ ٻين پارلياماني پار??ين جو ٿورو مڃيو. هن نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته ??يون ڀيرو اسپيڪر بڻجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار آهي. هن نئين اسپيڪر ل??ءِ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.