رياض – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف (اڄ) آچر تي رياض ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز ش??يف عالمي اقتصادي فورم جي اڄ کان شروع ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم عالمي صحت جي ايجنڊا جي حوالي س??ن هڪ سيشن ۾ خيالن جو اظهار پڻ ڪندو. عالمي اقتصادي فورم جي س??ئيڊ لائنز تي اڄ وزيراعظم جي ڪويت جي امير مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي س??ودي ناڻي، صنعت، سيڙپڪاري وارن وزيرن سان ملاقاتون متوقع آهن. وزيراعظم جي بل اينڊ ميلنيڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين، عالمي مالياتي فنڊ جي منيجنگ ڊائريڪٽر ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر س??ن پڻ ملاقات ٿيندي.