اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي ??ي) صدر آصف علي زرداري ٽيڪس ق??نون ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر ٽيڪس ق??نون ترميمي بل 2024ع جي منظوري آئين جي آ??ٽي??ل 75 تحت ڏني. ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز بابت قانونن ۾ ترميم آڻڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ترميمي بل جي ذريعي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع جي س??ڪش?? 30 ڊي ڊي ڊي، 43 بي، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي بل جي مدد سان وفاقي ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع جي س??ڪش?? 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي بل جي ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي س??ڪش?? 122 اي، 124، 126 اي، 130، 131، 132، 133 ۽ 134 اي ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ٽيڪس ق??نون ترميمي بل 2024ع قومي اسيمبلي مان 29 اپريل تي پاس ٿيو هو. صدر ترميمي بل جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني.