اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ صحت جي مسلئن جي خاتمي لاءِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ ٻارن جي بهترين واڌويجهه ضروري آهي، حڪومت ٻارن جي بهترين واڌويجهه جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، صوبائي حڪومتن کي پروگرام جي حوالي سان مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، موذي مرضن جي خاتمي ۽ انهن جي ڦهلاءُ کي روڪن جي لاءِ جامع پلان جوڙڻ ۽ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي لاءِ پڻ هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي ماهرن جو ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وز??راعظم اجلاس ۾ شريڪ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وز??راعظم کي عالمي بئنڪ پاران پاڪستان ۾ ٻ??رن جي واڌويجهه جي حوالي سان انگن اکرن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻ??رن جي هڪ وڏي انگ کي واڌويجهه جي گهٽتائي جو خطرو آهي. سببن تي روشني وجهندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بنيادي صحت جي ناڪافي سهولتن، ضروري غذائي جزن جي کوٽ، آلوده پاڻي جو استعمال، ناڪافي صفائي سٿرائي ۽ واڌويجهه جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جا وڏا سبب آهن. اجلاس کي انهن سببن جي خاتمي لاءِ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي ٽ?? بي، هيپاٽائيٽس، ذيابيطس ۽ ٻين موذ?? بيمارين جي حوالي سان پڻ پاڪستان جا انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ انهن کي روڪڻ جي لاءِ تجويزون پ??ش ڪيون ويون. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قومي سطح تي ان حوالي سان هڪ جامع منصوبو ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن احسن اقبال، احد خان چيما، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، ڊپٽي چيئرمين پ??اننگ ڪميشن جهانزيب خان، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناج?? بينهسن ، يونيسيف ۾ پاڪستان جي نمائندي عبدالله فاضل، عالمي غذائي پروگرام جي پاڪستان ۾ نمائندي ڪوڪو اوشييامه ۽ ٻين عالمي شهرت رکندڙ ماهرن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽا، ڊاڪٽر ساجد صوفي، ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ لاڳاپيل شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.