اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر ک?? پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مب??رڪ??اد ڏني آهي. نائب وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي خوشي واري پيغام ۾ چيو ته آئون برطانيا ۾ پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر کي دلي مب??رڪ??اد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي وچ ۾ گهري ۽ وسيع ا??بنياد لاڳاپا رکندڙ آهن. نائب وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ت?? سر ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ عالمي امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪندا.