ڪراچي-11 جو??اءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ايس پي علي رضا کي ??راج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪريم آباد پهچي وي??. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي. وارثن کي ??لاسو ڏنو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي علي رضا لاءِ هلال شجاعت ۽ قائد اعظم پوليس ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي علي رضا انتهائي بهادر ??وليس آفيسر هو. قوم کي ??هڙن جرئتمند پوليس آفيسرن تي ناز آهي. شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم کانپوءِ شهيد ڊي ايس پي علي رضا ڪراچي ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي هئي. هن چيو ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ شهيد ڊي ايس پي علي رضا هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ايڊيشنل آءِ جي پوليس يعقوب ناصر، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ، ايس ايس پي سينٽرل ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.