اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ ۾ قائم عورت پارليامينٽ ميمبرن جي گروپ ويمن ڪاڪس جي ڪنوينر ڊاڪٽر شاهده رحماني سان پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان ۾ اقليتن لاءِ قومي لابنگ وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ ڪرشن شرما، جئه پرڪاش م??راڻي، ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگهه، رومانه بشير، پرڀو ستياڻي، پشپا ڪماري، حب ڪوڪ گل، شهزاد ??را??سيس ۽ هارون سربديال شامل هئا. ملاقات ۾ مذهبي اقليتن کي درپيش مختلف سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايجنڊا جي ٻن اهم نق??ن هندو ميريج ايڪٽ ۽ برابر ملڪيتن جي حقن جي ايڪٽ تي ڌيان ڏنو ويو جيڪو 1973ع جي آئين تحت مذهبي اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. وفد ڊاڪٽر شاهده رحماني طرفان ملندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ??يو ۽ قانون سازي جي عمل ۾ ڊبليو ??ي سي کي مڪمل تعاون ??را??م ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. وفد چيو ته ڊاڪٽر شاهده رحماني قانونسازي ۽ بيورو ڪريٽڪ سطح تي اقليتي گروپن جي عورتن لاءِ ڊبليو ??ي سي جي حمايت کي يقيني بڻايو. هن پاڪستان ۾ اقليتي گروپن کان عورتن جي تحفظ لاءِ صوبن ۾ قانونسازي جي عمل کي جاري رکڻ جي تصديق ڪئي.