اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پيرس اولمپڪس ۾ گو??ڊ ميڊل کٽڻ تي پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي ??با??ڪباد ڏيندي چيو آهي ت?? فائنل ۾ شاندار اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ ۽ ڊگهي ترين فاصلي تي جيولين ٿرو ڪرڻ وڏو ڪارنامو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ارشد نديم کي ??با??ڪباد جي پيغام ۾ چيو ته تو??ان پوري قوم جو فخر آهيو، ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آهي. صدر چيو ته پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جي لاءِ تمغو کٽي تو??ان اسان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جهڙي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ارشد نديم کي مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابين سان نوازي.