اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستا?? جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستا?? جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلو?? جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيٽر جان محمد ۽ قومي اسيمبل?? ميمبر پلن بلوچ شامل هئا. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستا?? جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستا?? جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچستا?? جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي قدم تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو ته زرعي ٽيوب ويلز جي سولرآئزيشن جو بلوچستا?? جي آبادگارن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو. اهڙي طرح جا قدم بلوچستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي طرف مثبت اڳڀرائي آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.