اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جون ستون اجلاس گذريل هفتي اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي تر??مان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير نوح يلماز ترڪيه جي وفد جي قيادت ڪئي. تر??مان چيو ته ??الهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو، ٻئي ڌريون اعليٰ ??طحي رابطن کي مضبوط ڪنديون ۽ موجوده معاهدن کي مڪمل طور تي فعال ڪنديون. هن چيو ته ??ريو پاڪ – ترڪ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ کي اپ گريڊ ڪنديون. هن چيو ته هو واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائ??، سيڪيورٽي ۽ دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت، تعليم ۽ قونصلر معاملن ۾ پڻ تعاون وڌائيندا.