اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي ح??ثي?? رکي ٿو، سميڊا بورڊ سميت اهڙا سمورا ادارا جيڪي ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي اهم آهن، انهن جي بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ فو??ي طور تي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) بابت اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي ح??ثي?? رکي ٿو. وزيراعظم سميڊا بورڊ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي س??يڊا جي بورڊ کي فو??ي طور تي جوڙڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم سميڊا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي فو??ي مقرري جي لاءِ ضروري قدمن جي هدايت ??ئي. وزيراعظم سميڊا جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ??ئي. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي صدارت وزيراعظم پاڻ ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ نجي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم صنعتن ۾ سب ڪانٽريڪٽنگ کي فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستاني صنعتن کي گلوبل سپلاءِ چين جو حصو بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم کي س??يڊا جي معاملن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو سميڊا جي لاءِ ڊيولپمينٽ فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 6 سالن جي لاءِ 30 بلين رپيا سميڊا ڊيولپمينٽ فنڊ رکيو ويو آهي، جنهن مان 25 – 2024ع جي لاءِ 5 بلين رپيا ڏنا ويا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت 5.2 ملين ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار موجود آهن جن جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ حصو 40 سيڪڙو آهي، ملڪ جي 31 سيڪڙو برآمدات ايس ايم ايز تي منحصر آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نان اگريڪلچرل ملازمن کانسواءِ 72 سيڪڙو نوڪريون ايس ايم ايز سيڪٽر مهيا ڪري ر??يو آهي. ايس ايم ايز سيڪٽر لاءِ هيستائين 491 بلين رپيا بئنڪ ڪريڊٽ جي مد ۾ فراهم ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ ايس ايم اي س??ڪٽر جي لاءِ بئنڪ ڪريڊٽ کي 800 ملين تائين کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ??ئي.