ڪوئيٽا – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو ??زير محسن نقوي بلوچستان جي ڪجهه علائق?? ۾ ??هشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. وفاقي گهرو ??زير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ ه??ن امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪوئيٽا اچڻ تي صوبائي وزيرن اسفند يار ڪاڪڙ ۽ علي مدد جتڪ وفاقي گهرو ??زير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. آءِ جي پوليس بلوچستان، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدار پڻ ايئرپورٽ تي موجود هئا. وزيراعليٰ هائوس اچڻ تي وڏي وزير سرفراز بگٽي وفاقي گهرو ??زير جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ بلوچستا?? ۾ ??من امان ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو ??زير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير دهشتگردي جي تازن واقعن جي پرزور مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. وفاقي گهرو ??زير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير شهيدن جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته هي جنگ هر پاڪستاني جي جنگ آهي. وفاقي گهرو ??زير يقين ڏياريو ته بلوچستا?? ۾ ??من جي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته امن امان يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون، آڱرين تي ڳڻڻ جيتر?? عنصر تخريبي ڪاررواين ۾ ملوث آهن. بعد ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ وفاقي گهرو ??زير محسن نقوي جي صدارت ۾ خصوصي اجلاس ٿيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ?? صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ?? بلوچستان جي مختلف علائق?? ۾ ??هشتگردي جي تازن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي. وفاقي گهرو ??زير محسن نقوي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي اڄ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ اسان بلوچستان حڪومت ۽ عوام جي سپورٽ جي لاءِ آيا آهيون. وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اجلاس ?? بلوچستان جي چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، آءِ جي فرنٽيئر ڪور نارٿ، آءِ جي فرنٽيئر ڪور سائوٿ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي جي ليويز ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.