اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سميت سروسز چيفس ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار پڻ شريڪ ٿيا. جنرل لي چيائو منگ کي پاڪ ??ين دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان ن??از??و ويو آهي. تقريب ۾ جنرل لي چيائو منگ جي چار ڏهاڪن جي ڪيريئر ۽ چيني فوج ۾ ان جي نمايان خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو. ان جي ذهانت، انتظامي مهارت ۽ جذبي کيس هڪ بهادر ۽ قابل آفيسر طور تي شهرت ڏني آهي جيڪو ??ين ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم آهي. جنرل لي چيائو منگ چين جي ڀرپاسي امن ۽ استحڪام کي برقرا?? رکڻ ۾ پنهنجي غيرمعمولي پيشيواراڻي مهارت جي لاءِ مشهور آهي. پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان هن پختي عزم سان پاڪ ??ين فوجي لاڳاپن کي تما?? گهڻو مضبوط ڪيو. سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زرداري جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) سان ن??از??و آهي.