پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخوا جي گ??رن?? فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ اهم مشاورتي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن گ??رن?? هائوس پشاور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ٿيو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب خميس ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشاور جي دوري دوران گ??رن?? هائوس ويو جتي اهم مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير امير مقام، اي اين پي جو صدر ايمل ولي خان، ميان افتخار، قومي وطن پارٽي جي سڪندر حيات شيرپائو سميت ٻي سياسي قيادت شريڪ ٿي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿي. اجلاس ۾ آءِ جي، چيف سيڪريٽ??ي خيبرپختونخوا ۽ ڪانڊنٽ ايف سي به شرڪت ڪئي.