راولپنڊي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي س??براهه جنرل سيد عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم جي ملاقات ۾ پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀر??و ويو. ملائيشيا جي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام ?? پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي س??ن جنگ ۾ به پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي س??راهيو ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم آرمي چيف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورو مڃيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته دوري س??ن ٻنهي ملڪن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايوان صد?? ۾ ??لائيشيا جي وزيراعظم جي اعزاز ۾ منعقد تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.