ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پا??ٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ جي ايئر??ور?? ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان واقعي جي رپورٽ ط??ب ڪري ورتي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل جي بيان موجب پ پ چيئرمين، وڏي وزير کي امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جا جوڳا قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي ۾ فوتين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظ??ار ڪيو ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. هن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو.