اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ فلسطيني شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته وڌيڪ فلسطيني شاگردن کي سرڪاري خرچ تي مفت تعليم ڏني ويندي، عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي فوج پاران فلسطيني?? جي نسل ڪشيءَ ۽ جنگبندي ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي، پاڪستا?? جي عوام مشڪل جي گهڙيءَ ۾ فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني ميڊيڪل يونيورسٽين ?? ڪاليجن ۾ تعليم پرائيندڙ فلسطيني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته غزه جي ذهين شاگردن کي خطاب ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪستان انهن جو ٻيو گهر آهي، کليل دل سان انهن کي ڀليڪار چئون ٿا، انه?? جي مصيبتن کان پاڪستان سميت پوري دنيا آگاهه آهي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن شدت اچي رهي آهي، اسرائيلي فوج پاران بي رحماڻو ظلم جاري آهي جنهن ۾ هيستائين 43 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، هزارين ٻارن کي انه?? جي مائر?? جي هنج ۾ شهيد ڪيو ويو آهي، ڪيترائي شهر تباهه ڪيا ويا آهن. هن چيو ته عالمي برادري اڃا تائين رڳو قراردادون، تقريرون ۽ واعدا ڪري رهي آهي، گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل، انصاف جي عالمي عدالت سميت ڪيترن ئي عالمي فورم جنگ بندي جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، دنيا جي تاريخ ۾ ان کان اڳ ايتري تباهي ناهي ڏٺي. هن چيو ته توهان اسان جا ڀينر ??ائر آهيو، اسان جا گهر، استاد سڀ ڪجهه توها?? جي لاءِ آهن، اسان پاڪستان ۾ توها?? جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين جنه?? جي توهان کي ضرورت هوندي. هن چيو ته گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين ?? اسرائيلي فوج پاران فلسطيني?? جي نسل ڪشيءَ بابت مختلف ملڪ?? جي صدرن ۽ وزيراعظمن تقريرون ڪيون پر ان کانپوءِ به غزه ۾ رت وهايو پيو وڃي، اسڪولن ۽ اسپتالن کي بمباري ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي، مون گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير دوران اوڀر تيمور، سوڊا?? جي معاملي جي حل ۽ فلسطين تڪرار جي حوالي سان عالمي برادري آڏو ڀيٽ پيش ڪئي، جڏهن طاقتور ملڪ چاهين ٿا ته مسئلو حل ٿي وڃي ٿو، جڏهن اهي نه ٿا چاهين ته مسئلي کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته فلسطينين جون اميدون پوري دنيا جي لاءِ متاثر ڪندڙ آهن، هر خاندان مان ماڻهو شهيد ٿيا آهن، انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي، غزه ۽ فلسطي?? جي ماڻهن جون زندگيون بچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، غزه آئوٽ ريچ پروگرام فار ايجوڪيش?? جي لاءِ سرندي وارن ماڻهن تعاون فراهم ڪيو. هن چيو ته 145 فلسطيني شاگرد پاڪستان پهچي چڪا آهن، وڌيڪ شاگرد?? جي مختلف شهرن ۾ تعليم جي فراهمي جي لاءِ اسان انه?? جي ميزباني ڪنداسين، اها اسا?? جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڌيڪ فلسطيني شاگردن کي سرڪاري خرچ تي مفت طبي تعليم ڏني ويندي، پرڏيهي وزارت ۽ صحت واري وزارت کي ان حوالي سان فوري ٺوس ڪوآرڊينيش?? جي ذريعي قدم کڻڻ گهرجن، ان ۾ ڪا دير نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فلسطينين پنهنجا پيارا وڃايا آهن، پاڪستاني توهان جا ڀينر ??ائر آه?? جيڪي توها?? جي پنهنجي خاندان وانگر توها?? جي سارسن??ال ڪندا. وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي فلسطيني شاگردن کي ملڪ جي نجي ۽ سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ?? ميڊيڪل جي تعليم ڏني پئي وڃي، ان نيڪ مقصد جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ الخدمت فائونڊيشن سميت ميڊيڪل ڪاليجن جو ٿورائتو آهيان، انهن شاگردن کي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور جي بهترين ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ?? تعليم ڏني پئي وڃي ته جيئن اهي غزه جي صورتحال جي ڏس ۾ اڻ مڪمل رهجي ويل پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت انهن شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، مشڪل وقت ۾ فلسطيني شاگردن کي تعاو?? جي سخت ضرورت آهي، هيستائين 145 شاگرد پاڪستان پهچي چڪا آهن. ايڇ اي سي جي چ??ئرمين ڊاڪٽر مختار احمد چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي سرڪاري ۽ نجي ڪاليجز کي فلسطيني شاگردن کي طبي تعليم جي سهولت ڏيڻ جي لاءِ خط لکيو، 60 ميڊيڪل ڪاليجن فلسطيني شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، 24 شاگرد لاهور ۽ 121 راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي ڪاليجن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، فلسطيني شاگردن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، فلسطيني شاگرد?? جي حوصلي کي داد ڏيون ٿا. فلسطيني شاگردن ڊاڪٽر لامه ۽ ڊاڪٽر مسرت پاڪستان ۾ تعليم هيٺ ميڊيڪل شاگردن ۽ شاگردياڻي?? جي نمائندگي ڪئي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي چ??و ته اسان غزه سان تعلق رکون ٿا، پنهنجن کي اسرائيلي فوج جي هٿان شهيد ٿيندي ڏسڻ آسان نه آهي، الخدمت فائونڊيشن سميت ٻين ادارن جا پاڪستان ۾ پنهنجي تعليم ۾ تعاون تي ٿورائتا آهيون، پاڪستا?? جي بهترين طبي تعليمي ادارن ۾ تعليم جي سهولت جي فراهمي تي ٿورائتا آهيون، اميد آهي ته ميڊيڪل جي تعليم جي خواهشمند وڌيڪ فلسطيني شاگردن کي به هتي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو، فلسطيني?? جي حمايت ۽ مدد تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.