اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)مواصلات ۽ نجڪاري بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان پاڪستان پوسٽل سروس جي ڪارڪردگي ۽ م??لي??تي ڊسيپلين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پوسٽ کي بچائڻ لا??ِ رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي. غير ضروري خرچ گهٽ ڪ??ي سرڪاري ادارن کي پاڻ ڀرو ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فوڪل گروپ آف ڪميونيڪيشن اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران وفاقي وزير پاڪستان پوسٽل سروس جي ڪارڪردگي ۽ م??لي??تي ڊسيپلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ هفتي ۾ پوسٽل سروس لا??ِ هنگامي بنيادن تي م??لي??تي پلان ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته اداري جون خالي آساميون ختم، روينيو ۾ اضافي لا??ِ ٺوس تجويز ڏني وڃي. سستي ڇڏي رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي. عبدالعليم خان ڳالهائيندي چيو ته جنهن اداري جا خرچ وڌيڪ ۽ آمدني گهٽ هوندي اهو نه هلي سگهندو، حڪومتي فنڊز تي ڀاڙڻ بدران پنهنجا وسيلا پاڻ پيدا ڪرڻا پوندا، فنڊز ۾ اضافي لا??ِ سڄي ملڪ ۾ جي پي اوز، پوسٽ آفيسن ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ ڪ??ئونٽرز ٺاهيا وڃن. هن چيو ته غير ضروري خرچ گهٽ ڪ??ي سرڪاري ادارن کي پاڻ ڀرو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن پاڪستان پوسٽ کي بچائڻ چاهيو ٿا ته آفيسرن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي، پوسٽ آفيس جو روايتي نظام بدلجي چڪو آهي، هاڻي نئين گهرجن موجب ئي ڪم ڪرڻو هوندو. عبدالعليم خان وزارت بابت اهم ٽاسڪ ڏيندي چيو ته پاڪستان پوسٽ لا??ِ مربوط پ??لي??ي جوري وڃي. هن چيو ته مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري هڪ هفتي ۾ تفصيلي ??پو??ٽ پيش ڪري، م??لي??تي هدف حاصل ڪرڻو هوندو. ان موقعي تي مختلف معاملن تي غور ويچار بعد سينيئر آفيسرن بريفنگ ڏني ۽ تجويزون پيش ڪيون.