سرينگر- 05 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رھندڙ ڪشميري ??ربع 6 نومبر تي ڄمون ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو ملھائيندا ۽ خودارايت واري ??ق کي حاصل ڪرڻ تائين شھيدن جي مشن کي جاري ??کندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري ??نگھه جي فورسز، ڀارتي فوج ۽ هندو پرستن ڄمون جي مختلف علائقن ۾ ان وقت لکين ڪشميري ??و قتل عام ڪيو جڏھن ڪشميري نومبر 1947ع جي پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت ڪري ??ھيا ھئا. ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ يوم شھداءِ ڄمون ملھائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي. شھداءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ سڄي پاڪستان ۾ ڀارت خلاف مظاھرا، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. ڪشميري ??ھيدن جي ??رب??نين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مختلف، سياسي، مذھبي ۽ عوامي تنظيمن طرفان خاص دعائن جون تقريبون منعقد ڪيون ويون آھن. ٻئي پاسي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن شھداءِ ڄمون کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيوآھي. انھن چيو ته ڪشميري ڊگھي عرصي کان ڀارت جي قبضي مان آزادي لاءِ بي مثال ??رب??نيون ڏئي رھيا آھن ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ڄمون ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. ھنن عالمي برادري ??ي زور ڀريو ته معصوم ڪشم??ري?? تي ظلم بند ڪرائڻ ۽ ڪشمير جي تڪرار کي ڪشم??ري?? جي اميدن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺھرائن مطابق حل ڪرڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وڌائي. حريت جي اڳواڻن چيو ته ڄمون ۾ قتل عام مسلمانن جي ن??ل ڪشي جي شروعات ھئي جيڪا اڃا تائين مسلسل جاري ??ھي. هنن چيو ته ڀارت پاران قتل عام ڪرڻ جو مقصد علائقي جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ھو. ان دوران ڪشمير ڪائونسل اي يو ڪي جي چيئرمين علي رضا سيد شھداءِ ڄمون کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته ڄمون جي شھيدن پنھنجون جانين جو نذرانو پيش ڪري ??رب??نيءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ۽ سموري ??لائقي ڄمون ڪشمير ۾ حريت جي جذبي کي سٺي انداز ۾ اجاگر ڪيو آھي. علي رضا سيد برسلز ۾ شھدائي ڄمون جي حوالي سان ھڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان شھداءِ ڄمون جي ??رب??نين کي ڪڏھن وساري نه ٿا سگھون، جن پنھنجون جانيون پيش ڪري ڄمون ڪشمير جي ماڻھن جي ھمٿ ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.