اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ??ائب صدر سينيٽر شيري ??حمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري ??ي بنياد تي معاشرو جوڙڻ جي حوالي سان تمام واضح مؤقف آهي، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي جدوجهد جاري ??کندي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ??يغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، عورتن خلاف تشدد صرف هڪ فرد جو ذاتي مسئلو ناهي پر هڪ سماجي ??سئلو آهي جيڪو برابري ۽ انصاف جي بنيادي اصولن ک?? نقصان پهچائي ٿو. سينيٽر شيري ??حمان چيو ته پ پ جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري ??ي بنياد تي معاشرو ڏيڻ جي حوالي سان تمام ئي واضح مؤقف آهي، اسان هميشه ان مسئلي جي حل لاءِ آگاهي، وڪالت ۽ قانونسازي ذريعي اهم قدم کنيا آهن، ان سلسلي ۾ غيرت جي ??الي تي (ڪرمنل لاز ترميمي ايڪٽ)، ڪم جي جاءِ تي عورتن ک?? هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ ايڪٽ جي ??نظوري هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا، ان کان علاوه سينيٽ ننڍپڻ ۾ شادي تي پابندي جي بل جي ??نظوري ڏني، اهي قانون پاڪستاني معاشري ۾ رائج انهن سماجي روين ک?? چئلينج ڪرڻ جي اهم ڪوشش آهن جيڪي عورتن خلاف تشدد کي هٿي ڏين ٿا، جڏهن ته اهو سفر اڃ?? ختم ناهي ٿيو. هن چيو ته گهريلو تشدد، هراسان ڪرڻ، زبردستي شادي ۽ انساني اسمگلنگ جهڙن مختلف قسمن جي صنفي تشدد پاڪستان ۾ لکين عورتن ک?? متاثر ڪيو آهي، اسان ک?? روايتي روين جي خاتمي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ آهي، جيڪو عورتن خلاف تشدد جو معمول بڻائين ٿا، اڄ جي ڏينهن سمورن پاڪستانين ک?? اپيل ڪريان ٿي ته عورتن تي تشدد خلاف گڏ ٿي آواز اُٿارين، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي ??نهنجي جدوجهد جاري ??کندي.