رياض- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب منشيات جي خاتمي لاءِ ٻه طرفي معاونت تحت وڌيڪ مؤثر قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب پاڪستان کي منشيات جو سراغ لڳائڻ لاءِ جديد اوزارن جي حوالي سان تعاون جي آڇ ڪري ڇڏي. سعودي عرب جي دؤري دوران وفاقي وزير سعودي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر جنرل ??ينٽي نارڪوٽڪس ميجر جنرل محمد القرني گهرو وزير جو استقبال ڪيو. گهرو معاملن واري وفاقي جي سعودي ڊائريڪٽر جنرل ??ينٽي نارڪوٽڪس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ منشيات جي خاتمي جي حوالي سان گڏيل تعاون تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جي ??نٽرول روم جو مشاهدو ڪيو. محسن نقوي هيڊ ڪوارٽر جا مختلف شعبا ڏٺا ۽ سعودي عملدارن منشيات جي خاتمي جي سلسلي ۾ کيس بريفنگ ڏني. گهرو وزير سعودي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس جي ??ي جي ??ي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. گهرو وزير جو چوڻ هو ته منشيات جي لعنت کي ڪوبه ملڪ اڪيلو مُنهن نٿو ڏئي سگهي. هي عا??مي گڏيل چئلينج بڻجي ??ڪو آهي. پاڪستان سعودي عرب سان اينٽي نارڪوٽڪس جي حوالي سان تعاون جاري رکندو. نئين نسل کي نشي کان محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ عا??مي سطح تي جامع قدمن جي ضرورت آهي. بريفنگ ۾ ٻُڌا??و ويو ته سعودي اينٽي نارڪوٽڪس پاڪستان جي اداري اي اين ايف سان رابطي ۾ آهي. اين ايف سان مستقل بنيادن تي معلوماتي مٽاسٽا هوندي آهي. سعودي عرب جي انفارميشن تي ويجهڙ ۾ پاڪستان مان 2 منشيات جا ملزم پڪڙيا ويا.