اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عمران خان 22 سال سياسي جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ وزارت عظميٰ تي فائز ٿيو، سڄي دنيا ۾ ڪور??نا وائرس جي روڪٿام لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي پاليسي ڪامياب نه ٿي سگهي، وزيراعظم عمران خان جي ذاتي دلچسپي سان سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ ڏيڍ سئو ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سال مارچ تائين اسان جي اوڳاڙين ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو هو، بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن، سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ٺاهي ويندي، ديامير ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته الله تعاليٰ ڪور??نا کان اسان سڀني کي محفوظ رکي، جيڪي ان جو شڪار ٿيا انهن جي مغفرت ف??ما??ي. اهو چيو ويو ته ح??وم?? جي ناقص پاليسي سان ڪور??نا جو ڦهلاءُ ۽ ماڻهو ان جو شڪار ٿيا. عمران خان مخالف ڌر جي اعصاب تي سوار هوندو آهي، ڪور??نا 180 ملڪن ۾ آهي ۽ عمران خان جي ح??وم?? رڳو هتي آهي.