اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي سائبر اسپيس کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هي قدم ملڪي شهرين، ڪاروبارن ۽ سرڪاري ادارن جي آن لائين ڊيٽا جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقين?? بڻائڻ جي لاءِ ض??ور?? آهي، پاڪستان ڊيجيٽلائيزيشن پاران سفر شروع ڪيو آهي جنهن سان سائبر حملن جا خط??ا به وڌي ويا آهن، ان حوالي سان ٺوس قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سائبر/ انفارميشن سيڪيورٽي بابت ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.