سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هائوسنگ جي شعبي ۾ سرڪاري سطح تي ايترو وڏو منصوبو شروع ڪيو آهي، تعميرات جي شعبي سان 30 صنعتون واڳيل آه??، انهن منصوبن سان نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا، صنعت کي فروغ ملندو، ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، گهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن اڳ ۾ ئي رجسٽريشن ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هو سرگوڌا ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت 1 هزار 175 گ??رن جي تعمير جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان وڏي وزير عثمان بوزدار، سندس ٽيم، چيف سيڪريٽري ۽ هائوسنگ کاتي کي ان منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڏو وزير سمورن کاتن جو چيف ايگزيڪيوٽو هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري وڏي پئماني تي گ??رن جي تعمير جو سرڪاري سطح تي منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي ۽ عام ماڻهو جيڪو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به سوچي به نه سگهندو هو ته ان جو پنهنجو گهر هجي ان جي پنهنجي ذاتي گهر جو خواب پورو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بئنڪن مان پئسي وارن ماڻهن کي قرض ملي ويندو هو پر پگهاردار ۽ پورهيت جي لاءِ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻيو?? مشڪلاتون هيو??، اسان ان سلسلي ۾ مشڪلاتون ختم ڪيون. فور ڪلوزر قانون عدالتن مان ٻن سالن ۾ منظور ڪرايو ان تي عدالتن جا به ٿورائتا آهيون. هن چيو ته عام ماڻهو کي بئنڪ مان مورگيج جي لاءِ تمام گهڻيو?? مشڪلاتون درپيش آهن، بئنڪن جا سربراهه ان سهولت جي لاءِ پنهنجي عملي جي خصوصي ??ربيت ڪن ته جيئن اها سهولت آساني سان دستياب هجي. هن چيو ته اسان هن منصوبي ۾ خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو هدف رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته ننڍن ش??رن سان گڏ نيم شهر ۽ ڳوٺن ۾ به اهي گهر ٺاهيا پيا وڃن، ماضي ۾ محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ ش??رن کان پري ڳوٺن ۾ گ??رن جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو جڏهن ته اهو ڪامياب نه ٿي سگهيو. اسان جيڪي گهر ٺاهي رهيا آهيون انهن جي رجسٽريشن جو ڪم اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهو هتي رهائش اختيار ڪرڻ چاهين ٿا، انهن گ??رن جي لاءِ قسط به برداشت جوڳي هوندي.