اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحريه ي??ني??رسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ي??ني??رسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظها?? هن بحريه ي??ني??رسٽي جي حوالي سان هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بحريه ي??ني??رسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل (ر) ڪليم شوڪت صدر کي ي??ني??رسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ صدر کي ي??ني??رسٽي جي تعليمي سرگرمين، شعبن ۽ اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ ي??ني??رسٽي جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان بحريه ي??ني??رسٽي جي ڪردار کي ساراهيو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مارڪيٽ جي ضرورتن موجب گريجوئيٽس تيار ڪيا وڃن. صدر چيو ته ي??ني??رسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ي??ني??رسٽيون آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪن. هن چيو ته ي??ني??رسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.