اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پا??ستان ??فغانستان ۾ امن چاهي ٿو، افغانستان ??ي بدلجندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي، وزيراعظم عمران ??ان ??ي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها، نريندر مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي، ڪووڊ دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان ??ي ذميداري نريندر مودي تي لاڳو ٿئي ٿي، قيام پا??ستان کان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، قوم يقين رکي عمران ??ان ??ي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي طر?? گامزن آهي، پا??ستان ??و مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي آزادي ڪپ 2021ع جي انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪراچي کان ??يبر تائين سڄي ملڪ ۾ آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي، اڄ جو ميچ آزادي جي خوشين ۾ اضافي جو باعث بڻيو، اهي ميچز اسان ??ي آزادي جو ثمر آهن، پوري قوم کي آزادي جو مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قيام پا??ستان کان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، اسان لاچاري جي حالتن ۾ پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو پر اڄ اسان وٽ بهترين گرائونڊز، سٺا رانديگر ۽ بهترين يونيورسٽيون موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ صرف هڪ هيوي انڊسٽري جو هڪ ڪارخانو هو، اڄ پا??ستان ??يٽ جهاز تيار ڪندڙ 9 ملڪن ۾ شامل آهن، اڄ اسان گاڏيون پا?? تيار ڪري رهيا آهيون، اسان ??نيا جي پنجين وڏي قوم آهيون، اسان ??و شمار دنيا جي 7 ايٽمي طاقتن ۾ ٿيندو آهي، هن چيو ته اهي ڪاميابيون اسان کي آزادي جي نعمت جي ڪري مليون، ڪجهه ماڻهن کي مايوسي پکيڙڻ جي عادت هوندي آهي، هن چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان کي فيصلن ۾ آزادي حاصل ناهي، ته اهي هندستان ۽ پا??ستان ??ي مسلمانن جي حالتن جو مشاهدو ڪري وٺن، ف??ق پاڻ ئي سامهون اچي ويندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي آزادي جو قدر ڪندي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي وطن تي شهيد ٿيندڙن جي قربانين کي ياد رکڻ گهرجي، جن جي قربانين جي ڪري اڄ اسان ڪرڪيٽ ميچ کيڏي رهيا آهيون ۽ امن سان ??ندگي گذاري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پنهنجي خوشين ۾ انهن شهيدن ۽ انهن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي جنهن پنهنجي زندگي ۾ مصيبتون ۽ ڏک ڏٺا، اڄ انهن جي قربانين جي ڪري اسان ??زادي جهڙي نعمت مان لطف وٺي رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته قوم يقين رکي ته عمران ??ان ??ي قيادت ۾ ملڪ ترقي طر?? گامزن آهي، پا??ستان ??و مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال جو غور سان ??ائزو وٺي رهيا آهيون، عمران ??ان ??ي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته اسان ??فغانستان ۾ امن چاهيون ٿا ۽ اسان ??ي ڪوشش آهي ته ڪابل ۾ سموريون ڌريون هڪ آئين ۽ قانون تي متفق ٿي وڃن ته جئين افغانستان ۾ امن اچي سگهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نريندر مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي. ڪووڊ – 19 دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان ??ي ذميداري نريندر مودي تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته ان وقت جڏهن دنيا ڪوورنا کي شڪست ڏيڻ جي ويجهو هئي، نريندر مودي جي غلط پاليسين جي ڪري ڊيلٽا وائرس پوري دنيا ۾ پکڙيو، اسان کي ڀارت جي عوام سان همدردي آهي.