اسلام آباد – 02 8211; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيا??ڪو?? – (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد ۽ مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سيا??ڪو?? – (سمبڙيال) کاريان موٽروي منصوبي جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. 69 ڪلوميٽر تي ٻڌل سيا??ڪو?? – کاريان موٽروي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻن سالن جي مدي ۾ مڪم?? ڪيو ويندو. سيا??ڪو?? – کاريان موٽروي سمبڙيال انٽرچينج کان شروع ٿئي ٿي ۽ سيا??ڪو?? ۽ گجرات جي ضلعن ۽ جلالپور جٽان، گجرات، لالا موسيٰ، دولت نگر شهرن جي ويجهو کان گذري ٿي جنڊ شريف وٽ ختم ٿئي ٿي. ان موٽروي جي پڄاڻي کاريان جي ڏ??ڻ اوڀر ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر 7 قومي شاهراهه (اين 5) کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿئي ٿي. 4 لين جي ان موٽروي ت?? 5 انٽرچينجز، هڪ سروس ايريا ۽ 2 ٽول پلازا تعمير ڪيا ويندا. ان منصوبي جي پي سي ون جي لاڳت 32.103 ارب رپيا آهي ۽ ان کي 2 سالن ۾ مڪم?? ڪيو ويندو. سيا??ڪو?? (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي تعمير ۽ مڪمل ٿيڻ سان علائقي جي عوام کي جتي سموريون بنيادي سفري سهولتون ملنديون اتي انهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ اهي خوشحال ٿي ملڪي ترقي تي وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي قابل ٿي سگهندا. سيا??ڪو?? راندين جي مصنوعات جي تياري جي حوالي سان پوري دنيا ۾ شهرت رکندڙ شهر آهي. ڄاڻايل موٽروي جي تعمير سان انهن مصنوعات جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ چرپر ۾ مدد ملندي جنهن سان ملڪ جي ترقي ۾ هڪ ٻئي سنگ ميل جو اضافو ٿيندو.