اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي علائقائي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز ??و اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان ??وج?? ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??زي??اعظ?? اجلاس جي دوران ڳالهائيندي سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ته هو وفاقي حڪومت جي سمورن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اسڪيمن سميت ڪامياب پاڪستان، احساس ڪارڊ، احساس راشن رعايت پروگرام، صحت ڪارڊ ۽ آبادگار ڪارڊ ۾ ڀرپور حصو وٺي. هن چيو ته رڳو سياسي سببن جي بنياد تي سنڌ صوبي جي عوام کي وفاقي حڪومت جي ترقياتي اسڪيمن جي ثمرن کان محروم نٿو رکي سگهجي، وفاقي حڪومت جا سمورا منصوبا عوامي فلاح جي لاءِ آهن.