اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگر??ن جي خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ دشمن عنصر ڪڏهن پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته د??شتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان جي ترقي سان ملڪ دشمن قوتون خفا آهن، هن چيو ته د??شتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ملڪ ?? امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهي??ن جا درجا بلند ڪري.