اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي چيو آهي ته پبلڪ سيڪٽر ۾ خد??تن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. اها ڳالهه ??ن هواوي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر (وچ اوڀر خطي) وانگ شن لي سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وفد سميت پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هواوي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ سماجي ذميداري تحت جاري قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير هواوي ٽيڪنالاجي پاران پاڪستان ۾ سرڪاري آفيسرن لاءِ ٽيڪنيڪي تربيتي ڪورسز جاري ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪورونا وبا جي دوران سماجي بندشن جي ڪري ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو، پبلڪ سيڪٽر ۾ خد??تن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. شاهه ??حمود قريشي چيو ته اسان موجوده گهرجن کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان موثر قدم کنيا، شاهه ??حمود قريشي چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جا 114 سفارتخانا ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ڪري ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي بهتر خد??تن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهن، سفارتخانن ۾ قائم ڊجيٽل سينٽرز جي ڪري ڪاغذن جي آن لائين تصديق سميت ڪيترين ئي قونصلر خد??تن جي فراهمي جو سلسلو ڪاميابي سان جاري آهي. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل ”پورٽلز“ انهي ڊجيٽلائيزيشن جي فروغ جو نتيجو آهن. هواوي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر وانگ شن لي حوصلا افزائي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. وفد ۾ هواوي پاڪستان جي سربراهه ??ارڪ منگ، ڊپٽي سي اي او، ووهان ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ ري??يش??ز هواوي ٽيڪنالاجيز احمد جهانزيب ملڪ شامل هئا.