اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي ۽ نه ئي حال، جڏهن ڪو سياستدان پنهنجي پيرن تي بيهي سياست نه ٿو ڪري سگهي ته ان کي افواهن جو سهارو وٺڻو هوندو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان به قياس آرائين کي رد ڪري ڇڏيو آ??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گهرو وزير جي ڪتاب ”لال حويلي کان گڏيل قومن تائين – سياست جا 50 سال“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته مستقبل جا سياستدان ڪي ٻيا آهن، اهو سلسلو زرداري ۽ نواز شريف کانسواءِ ئي اڳتي هلڻو آ??ي. ??ن کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شي?? رشيد احمد اسان ??ي سياست جو روشن رخ آهي، هن سدائين ملڪي سياست جو روشن رخ اجاگر ڪيو. چوڌري فواد حسين شي?? رشيد احمد ??ي سياسي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شي?? رشيد احمد 1977ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين هو ملڪي سياست جو محور رهيو آهي. هن چيو ته هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شخص اڄ ملڪ جي ناليواري شخصيت آهي. هن چيو ته شي?? رشيد احمد جنهن پوزيشن تي به هجي پاڪستان جي ميڊيا کيس ڏسي ۽ ٻڌي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مستقبل جو تجزيو ڪرڻ ۽ پاڪستان ??ي سياست جو رخ تعين ڪرڻ ۾ شي?? رشيد احمد جو آواز اهميت رکي ٿو، شي?? رشيد احمد جي ڪتاب ۾ شي?? رشيد احمد پنهن??ي سياسي سفر جي ڪهاڻي پيش ڪئي، ڪتاب جي ڪامياب مهورتي تقريب تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.