اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت مريءَ ۾ فوت ٿيندڙ اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ نويد اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت جي اظهار لاءِ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران بيان موجب صد?? ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري صدمي ۽ ڏک جو اظها?? ڪيو ۽ چيو ته نويد اقبال، سندس خاندان سميت معصوم ٻارن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي سخت صدمو پهتو. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ مرحومن جي م??فر?? فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي گهرڀاتين سان همدردي جو اظها?? ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.