اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ورچوئل يونيورسٽي ڊجيٽل پ??ڪس??ان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري رهي آهي، اسان کي آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي بنيادي تعليم تي فوڪس ڪرڻ گهرجي، نوجوانن کي سائبر سيڪيورٽي ٽريننگ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، سائبر سيڪيورٽي ايندڙ وقت ۾ اهم آهي ۽ ان سان جڙيل هر شعبي ۾ وڏا امڪان آهن، زمانو جيترو تيزي سان بدلجي رهيو آهي، اسان کي وقت سان گڏ هلڻو پوندو ۽ ايندڙ دور لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو، هن وقت 9 سيڪڙو شاگرد گريجوئيشن ۾ داخلا وٺندا آهن جيڪا تمام گهٽ آهي ان کي وڌائن لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هو ورچوئل يونيورسٽي ۽ ان ۾ ايل ايم ايس مينيجمينٽ، آءِ سي ٽي انفرااسٽرڪچر ۽ پروڊڪشن هائوس جي لاءِ جديد ترين سهول??ن جي دوري کانپوءِ فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن کي خطاب ڪري رهيو هو. ريڪٽر ورچوئل يونيورسٽي آف پ??ڪس??ان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي به ان موقعي تي موجود هو. ريڪٽر ورچوئل يونيورسٽي صدر کي تفصيلي بريفنگ به ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نئين پ??ڪس??ان ۾ ورچوئل يونيورسٽي جي طرز جو تعليمي سسٽم ڏسڻ چاهيون ٿا، هڪ سال ۾ صرف 27 هزار ??ءِ ٽي گريجوئيٽ پيدا ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت 8 لک گريجوئيٽ پيدا ڪري رهيو آهي، اسان وٽ نوجوانن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي جنهن کي ان شعبي طرف آڻڻ جي ضرورت آهي، ورچوئل يونيورسٽي ڊجيٽل پ??ڪس??ان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو وفاقي تعليمي ادارو پ??ڪس??ان جي ڏورانهن علائقن تائين معياري تعليم جي فراهمي لاءِ قائم ڪيو ويو هو، هاڻي ڊجيٽل پ??ڪس??ان کي عملي جامو پارائڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ن??ائ?? رهيو آهي، هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي پوري پ??ڪس??ان ۾ هڪجهڙي نصاب جي لاءِ بهترين مثال آهي ڇو ته اهو پوري پ??ڪس??ان ۾ اعليٰ معيار ??و تعليمي مواد فراهم ڪري ٿي. صدر اليڪٽرانڪ موڊ جي ذريعي سستي اعليٰ تعليم جي فراهمي جي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته نيشنل انفارميشن سوسائٽي، ڏکڻ ڪوريا پاران انفارميشن ايڪسيس سينٽر ۽ انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين پاران ورچوئل يونيورسٽي کي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن سينٽر جو ايوارڊ يونيورسٽي جي عالمي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ملڪ جي خواندگي جي سطح کي تمام وڏي رفتار ??ان بلند ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڊاڪٽر عارف علوي تحقيق تي ٻڌل تعليم جي اهميت تي ?? شاگردن کي جديد ترين ٽيڪنيڪي ترقي سان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ رواتي يونيورسٽين کي ورچوئل يونيورسٽي آف پ??ڪس??ان جي ماڊل جي طرز تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي اهڙا پروگرام تيار ڪرڻ گهرجن جيڪي معاشري جي گهٽ آمدني وارن طبقن کي بااختيار ??ڻائين ۽ انهن جي مهار??ن جي قدر ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته مون اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته يونيورسٽي آف نرسنگ ۾ عالمي سطح تي تسليم ٿيل پروگرام تيار ڪرڻ ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي پروگرام لاءِ فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ۽ نجي شعبي جي مختلف تنظيمن سان گڏجي به ڪم ڪري رهي آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معياري تعليم جا موقعا هر ڪميونٽي لاءِ دستياب هجڻ گهرجن ۽ ان مقصد جي لاءِ آن لائين تعليمي نظام بهترين ماڊل آهي، هن شاگردن کي زور ڏنو ته هو ڊجيٽل مهارتون سکن ڇو ته توهان سڀني کان باوقار ??عليمي اداري جو حصو آهيو، جيڪو پ??ڪس??ان ۾ پنهنجي اي لرننگ جو علمبردار ??هي. اها ڳالهه واکاڻ جوڳي آهي ته ڪووڊ – 19 جي دوران جڏهن پ??ڪس??ان جي هر يونيورسٽي کي مسئلا درپيش هئا، ورچوئل يونيورسٽي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي تعليمي نظام کي جاري رکيو، ان کان اڳ صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ورچوئل يونيورسٽي هن وقت پ??ڪس??ان جي 120 کان وڌيڪ شهرن ۾ موجود آهي جنهن ۾ 125000 کان وڌيڪ فعال شاگرد ۽ دنيا جي 62 ملڪن مان 1860 ٻاهرين ملڪ رهندڙ شاگرد آهن، گذريل 20 سالن کان ورچوئل يونيورسٽي عوام کي ان جي جاگرافيائي بيهڪ کان قطع نظر انتهائي سستي اعليٰ تعليم فراهم ڪئي آهي، هن وقت ورچوئل يونيورسٽي ۾ 4 کاتا، 5 فيڪلٽيز ۽ تازو ئي قائم ڪيل پروفيشنل ڊولپمينٽ سينٽر آهي، ان کان پوءِ صدر ورچوئل يونيورسٽي جي ٽي وي نيٽ ورڪ ۽ ڊيٽا سينٽر سميت ٻين مختلف شعبن جو به دورو ڪيو.