اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ ڀارتي جمهوريت ۽ ان جي انصاف جي نظام لاءِ هڪ ڪارو ڏينهن آهي. ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ ک?? ڀارتي عدالت پاران ڏني ويندڙ س??ا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ردعمل ڏيندي هن چيو ته ڀارت ياسين ملڪ ک?? جسماني طور تي قيد ڪري سگ??ي ٿي پر آزادي جي جنهن تصور جي هو علامت آهي ان کي قيد نه ٿو ڪري سگ??جي. وزيراعظم چيو ته بهادر حريت پسند کي عمر قيد سان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي سگ??ه ملندي.