اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سلمان صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جا??ي بيان موجب سلمان صوفي رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. سلمان صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته ??بل?? پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي متعارف ڪرائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن پروٽيڪشن ايڪٽ، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيترائي عوام دوست منصوبا متعارف ڪراي?? آهن. هو شهباز شريف جي پنجاب جي وڏ وزارت دور??ن ڊي جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ مقرر هو، سلمان صوفي کي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سمورين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.