اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي، آر ٽي ايس سسٽم ويهاري چئن سالن تائين هڪ نااهل مڙهيو ويو، عمران خان 4 سال پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ انتقامي سياست ڪئي، عمران خان سمورن ادارن کي استعمال ڪري مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، عدالتن ۾ عمران خان جا ٺاهيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا، عدالتن پنهنجي ??يص??ن ۾ لکيو ته اهي سمورا ڪيس بي بنياد الزامن تي ٺهيا. عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد عمران خان جي نا??هل??ن ۽ ناڪامين کي سامهون آڻڻ آهي، صحيح ??يص??ن کي عوام تائين پهچائڻ منهنجي ذميواري آهي. هن چيو ته برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي پڻ عمران خان جي ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏنو، ايسيٽ ريڪوري يونٽ اصل ۾ عمران خان جو ايسيٽ ميڪنگ يونٽ هو. هن چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ضمانت جي خلاف پنهنجي اپيل واپس ورتي، اپيل واپس وٺڻ جو مطلب آهي ته وزيراعظم جي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. و??اق?? وزير مريم اورنگزيب سوال اٿاريو ته عمران خان بطور وزيراعظم مبينا سائفر تي شفاف جاچ ڇو نه ڪرائي؟ عمران خان ڇو 28 مارچ تائين انتظار ڪيو؟ هن چيو ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ته ميڊيا لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??يص??ي جي غلط تشريح تي ٻڌل رپورٽنگ ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??يص??ي موجب پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز کي عهدي تان ناهي هٽايو ويو، پي ٽي آءِ وارا ??يص??و پڙهڻ کانسواءِ ڌمال هڻن ٿا پوءِ يوٽرن وٺن ٿا. هن چيو ته عمران خان جو مقصد گار ڏيڻ ۽ معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ آهي، عمران خان جو روزانو لڳندڙ تماشو بند ٿيڻ گهرجي، فرح گوگي کي استعمال ڪري ذاتي فائدا حاصل ڪيا ويا. و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف 3 ڀيرا عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان وزيراعظم بڻيو، عمران خان کي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان جي نالائقي جي ڪري اڄ پاڪستاني عوام مهانگائي جي چڪي??َ ۾ پيڙهجي رهي آهي.