چڪوال – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي 75 هين جشن آزادي جي ڏهاڙي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي جي موقعي تي ضلعي انتظاميا ٽن ڏينهن جي شاندار تقريبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جون ا??ي تقريبون 12 کان 14 آگسٽ تائين ٽي ڏينهن جاري رهندون ۽ انهن تقريبن جي شروعات سڄي ضلعي ۾ 12 آگسٽ کان ??سج??ن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ پاڪستان جي بقاءَ ۽ سلامتي ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون ۽ 12 آگسٽ تي جشن آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو. اها ڳالهه اي ڊي سي رو??نيو تنوير مرتضيٰ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻڌائي وئي جنهن ۾ اي ڊي سي جي اشعر اقبال، اي ڊي سي فنانس مجاهد عباس ۽ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي آفيسرن ۽ چڪوال آرٽس ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. اي ڊي سي رو??نيو تنوير مرتضيٰ چيو ته پاڪستان جي آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ شهر جي ڪميٽي باغ ۾ 12 کان 14 آگسٽ مينا بازار/ فيملي فيسٽيول، اهڙي طرح ٽن ڏينهن واري تقريبن دوران تصويري نمائش، جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ وڻڪاري جي تقريبن، خوبصورت چراغان ۽ عمارتن جي سجاوٽ ڪئي ويندي. 13 آگسٽ تي رات 9 وڳي دلڪش آتشبازي جو مظاهرو ۽ ان سان گڏ ئي جشن آزادي مشاعرو پڻ من??قد ٿيندو. ان کان اڳ 13 آگسٽ تي ئي ص??ح 11 وڳي 15 چوڪ کان ڀون چوڪ تائين آزادي ڏهاڙو ريلي من??قد ڪئي ويندي جڏهن ته 13 ۽ 14 آگسٽ تي ڪٻڊي ۽ والي بال جي مئچز تي ٻڌل اسپورٽس ايونٽس من??قد ڪرايو ويندو. اي ڊي سي رو??نيو چيو ته 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي صبح ضلعي انتظاميا جي اهتمام هيٺ پرچم ڪشائي جي عاليشان مرڪزي تقريب 8 لڳي 58 منٽن تي من??قد ڪئي ويندي.