اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ ??اڪ??تان حڪومت جي ٻوڏ متاثرن ۽ متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ هنگامي امدادي ڪمن ۾ مدد لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها گرانٽ آبادگارن جي فصلن کي نقصانن جي ازالي، بنيادي ڍانچي جي نئين سر ??عمير ۽ متاثرن جي آبادڪاري جي مد ۾ فراهم ڪئي ويندي. تفصيل مطابق ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ??اڪ??تان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي. ايشيا پيسفڪ ڊزاسٽر ريسپانس فنڊ کان مالي اعانت ٿيندڙ اها گرانٽ سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاء?? خوراڪ جي سامان، خيمن ۽ ٻين امدادي سامان جي فوري خريداري لاءِ فنڊ فراهم ڪئي ويندي. اي ڊي بي اعلان مطابق ٻوڏ سان متاثرعلائقن ۾ رليف لاءِ 30 لک ڊالرن جو فنڊ فراهم ڪيو ويندو، رقم سان ٻوڏ سبب غريب ۽ مستحق ماڻهن سبب بيمار عورتن ۽ ٻارن جي مدد ڪئي ويندي. فنڊن مان آبادگارن جي فصلن جي نقصان جو ازالو، ٻيهر فصلن جي پوکيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ هوندو ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل روڊن، پُلن، گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عمارتن جي نئين سر ??عمير ۾ مدد ملندي. اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته ??سا?? مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ??اڪ??تاني عوام سان گڏ آهيون. ??سا?? هن قدرتي آفت سبب تباهه ڪُن اثرن تي ضابطو آڻڻ ۽ متاثر ڪٽنبن جي فوري امداد فراهم ڪرڻ ۾ ??اڪ??تان جي مدد ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ٻين ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته ??سا?? جي ٽيم ڊگهي مُدي واري بحاليءَ لاءِ ??اڪ??تان حڪومت ۽ اتان جي برادريءَ سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي.