اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنر?? اختر نواز نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران فورم کي ٻوڏ متاثر زرعي ايراضي بابت آگاهه ڪيو ??يو. صوبائي سيڪريٽريز زراعت پنهنجي صوبن بابت پلان پيش ڪيو جنهن تي فيصلو ڪيو ??يو ته ڪڻڪ جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت اسپانسر ڪندي جڏهن ته باقي صوبن طرفان ??را??م ڪيا ويندا. سڀني ضلعن جي ٻج تقسيم ڪندڙ ڪميٽي ضلعي انتظاميا، وفاق ۽ اين ڊي ايم اي جي عملدارن تي ٻڌل هوندي. فورم کي سيڪريٽري خوراڪ ٻج جي خريداري ۽ ان جي تقسيم بابت آگاهه ڪيو. فورم کي ماڊل وليجز بابت ٻڌايو ??يو جتي گهرن سان گڏ مسجد، بنيادي صحت جي يونٽ ۽ ٻين سهولتن جي ??را??مي ٿيندي. فورم کي ماڊل هائوسز جي رهائشي يونٽ جي لي آئوٽ آپشنز ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ جاءِ تي به اتفاق ڪيو ??يو.