اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي صدارت ايسوسيئيشن جو صدر يانگ جياندو ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد پاران پي ايم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 140000 آمريڪي ڊ??لرز جي رقم جو چيڪ وزيراعظم کي ڏنو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ايسوسيئيشن پاران امدادي رقم جي فراهمي تي وفد جا ٿورا مڃيا.