اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪينيا ۾ ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل ??اندان سان دلي تعزيت ڪئي ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کي 24 آڪٽوبر جي صبح ارشد شريف جي موت جي ابتدائي ??بر ملي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر ان جي موجب پوليس عملدارن ۽ گهرو وزارت کانسواءِ ٻين کاتن جي سينيئر عملدارن سان رابطو ڪيو، جڏهن ته تصديق جي لاءِ ڪينيا جي نائب صدر جي آفيس سان به رابطو ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪينيا??ي ڄائي پاڪستانين کي به متحرڪ ڪيو ويو. مشن کي ٻڌايو ويو ته لاش نيروبي جي چيرو موفيونرل هائوس ۾ آهي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر مشن جي آفيسرن سان گڏ اتي پهتي ۽ هن ارشد شريف جي ميت جي سڃاڻپ ڪئي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري ارشد شريف جي گهروارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان افسوسناڪ خبر جي تصديق ڪندي پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پا??ان انهن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. مرحوم جي گهروارن کي پرڏيهي وزارت پا??ان هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي ??هي. بيان موجب پوليس رپورٽ سميت وڌيڪ ڪارروائي ??و انتظار آهي. هاءِ ڪميشن ميزبا?? عملدارن سان گڏجي ارشد شريف جي ميت جي جلد وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪندي.