اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي چين?? صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب چيني قونصل خاني جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته اڳوڻي چين?? صدر جي پاڪستان سان 50 سالا پراڻي وابستگي هئي، ان جي لاڏاڻي سان چين هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿ?? ويو آهي. هن چيو ته چين جي ترقي ۾ اڳوڻ?? صدر جيانگ زيمن جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، انهن کي هڪ عالمي اڳواڻ طور تي به ياد رکيو ويندو جنهن عالمي سطح تي پنهنجي سڃا??پ ٺاهي ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي فروغ ڏنو.