اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوئٽزرلينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير پنهنجي ڀا???? شهزاده فيصل بن فرحان ا??سعود سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تاريخي ۽ گهري ڀا??راڻن لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ سعودي عرب جي پراڻي حمايت جي لاءِ ٿورن جو اظهار ۽ سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.