اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا س??ن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ??ي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا س??ن پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اه??يت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳا??هائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي جنيوا ۾ تازو ئي منعقد ٿيندڙ ريزيليئنٽ پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنس س??يت ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ آمريڪا جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳا??هه کي ورجايو ته پاڪستان آمريڪا س??ن پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اه??يت ڏي ٿو. هن پاڪستان جي آمريڪا س??ن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ??ي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا ٻوڏ کان بحالي سان گڏوگڏ معاشي ترقي ۽ سڌارن جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.