اسلا?? آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو ڪندو ۽ ترڪيه ۾ آديامان شهر ۾ پ??ڪس??ان پاران موڪليل امدادي سامان جو جائزو وٺندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم پ??ڪس??ان جي ريسڪيو ۽ ري??يف ٽيمن سان ملاقات ڪندو ۽ جاري ريسڪيو آپريشن جو جائزو وٺندو. وزيراعظم آديامان يونيورسٽي ۾ زلزلي سٽيلن سان ملاقات ڪندو ۽ انهن جي مدد لاءِ قائم سينٽر جو دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم اتي ترڪ وزيرن ?? عملدارن سان ملاقات ڪندو جتي انهن کي جاري امدادي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.