اسلام آبا?? – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستان ٽيليويزن، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪار قوي خان جي لاڏاڻي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف مرحوم جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته قوي خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ ليجينڊ اداڪار کان محروم ٿي ويو. قوي خان هڪ اڪيڊمي جي حيثيت رکندو هو، ان جهڙو اداڪار صدين ۾ پيدا ٿيندو آهي. قوي خان ريڊيو پاڪستان پشاور کان چائلڊ اسٽار طور ڪم شر??ع ڪيو، جيڪو ان جي فطري ٽيلينٽ جو ثبوت آهي. هن چيو ته قوي خان ورسٽائل اداڪار هو، جنهن هر طرح جو ڪردار بهتر طور تي ادا ڪيو ۽ ان جي اداڪاري حقيقت جي ويجهو ۽ ق??رت?? هئي. هو پاڪستان ٽيليويزن جي ان شر??عاتي اداڪارن مان هو جن پاڪستان ٽيليويزن ڊرامن جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ”لاکهون مين تين“ ۽ ”انڌيرا اجالا“ ۾ سندس اداڪاري عوام جي ذهنن تي اڄ به زندهه آهي. وزيراعظم چيو ته تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ست??ره امتياز جي اعزاز قوي خان جي فنڪاراڻي صلاحيتن جو رياستي سطح تي اعتراف آهي. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جا ناظرين سندس کوٽ سدائين محسوس ڪندا رهندا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.