پشاور – 15 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي صوابي ۾ راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن صوابي جي علائقي عالم آباد ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پٺتي پيل علائقن ۾ اهڙي طرح جي آرگنائيزيشنز ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنديون. هن چيو ته عورتن جي تعليم انتهائي ضروري آه?? عورتون پڙهنديون ت?? نئين نسل کي ماءُ جي هنج مان تعليم سان ليس ڪندي، هتي هزارين ٻارن جي لاءِ تعليم جا دروازا کلي رهيا آه??، اسٽريٽ چلڊرنز کي به تعليم ڏيڻ گهرجي، ان جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آه??ون. سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ اڃا به تعليم جي شرح تمام گهٽ آه??، عمارت مان تعليم حاصل نه ٿي ٿي سگهي ٽيچرز سٺا ۽ ??حن??ي هجڻ گهرجن. خاتون اول چيو ته راشد ميموريل کي وڌيڪ ڳوٺاڻن علائقن تائين سگهه ڏيڻ گهرجي، عورتن کي تعليمي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختيار هجڻ گهرجي ۽ انهن کي تعليم سان گڏ هنر به سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٽيچرز جي تربيت تمام ضروري آه?? ته جيئن اهي اڳتي ٻارن کي بهتر طور تي پڙهائي سگهن، ان سان گڏوگڏ استادن جي عزت به تمام ضروري آه??. هن چيو ته راشد ميموريل آرگنائيزيشن ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن کي صحت جون بهتر سهولتون پڻ فراهم ڪري رهي آه?? جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آه??. هن چيو ته صوابي جي مقامي ڪميونٽي کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿ?? ته اها راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيسن جو ساٿ ڏين ته جيئن اهي توهان جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ۽ انهن جي بهتر صحت ۾ توهان جي مدد ڪري. هن چيو ته اسان کي گڏجي هن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڏينهن رات ??حن?? ڪرڻ گهرج?? ته جيئن اسان به ترقي ڪريون ۽ اسان جو ملڪ به ترقي جون منزلون طئي ڪري.