اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته انصاف جو پلڙو سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، اسان آئين، قانون ۽ سپريم ڪورٽ جو احترام ڪريون ٿا، پر اقليتي فيصلا نه مڃينداسين، ڪنهن لاءِ عم?? ڀر نااهلي ڪنهن لاءِ تاحيات ضمانت سواليه نشان آهي. شاهراهه دستور تي پي ڊي ايم جي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي هن وڏي تعداد ۾ عوام جي شرڪت تي کين خراج تحسين پيش ڪ??و. هن چيو ته اڄ عوام جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ نظر اچي رهيو آهي، لکين ماڻهو موجود آهن پر گلدان به نه ڀڳو، اسان شاهراهه دستور تي واقعي سنگ مرر جي اڇي عم??رت، آئين ۽ قانو?? جو احترام ڪريون ٿا، پر هن عم??رت جو تقدس انصاف سان جڙيل آهي، هن چيو ته سنگ مرمر جي هن عم??رت مان عوام کي انصاف، طاقتور کي ??انون جي پڪڙ ۾ آڻڻ ۽ جمهوريت کي ??ضبوط ڪرڻ هو، پارليامينٽ جي مضبوطي جي آواز هن عم??رت مان بلند ٿيڻي گهرجي ها ۽ سائلن ۽ مجبورن کي انصاف ملڻو هو پر هن عم??رت مان چونڊيل وزيراعظمن کي سسيلين مافيا ۽ گاڊ فادر چيو ويندو رهيو ۽ ڪجهه جي لاءِ سهولتڪاري ڪئي وئي. هن چيو ته 60 ارب روپين جي جوابدار کي ??ن عم??رت ۾ ڀليڪار چيو وڃي ٿو ۽ چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو وڃي ٿو، ڪنهن کي جلاوطني نصيب ٿيندي آهي ته ڪنهن کي ڦاهي، ڪنهن کي ??ٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن کي عم?? ڀر لاءِ نااهلي ملي ٿي، انصاف جو پلڙو سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته هن عم??رت ۾ ويٺل ماڻهو پي سي او ۽ ايل ايف او تحت حلف کنيا، هن سوال ڪيو ته ڇا ڪڏهن ڪنهن آمر کي به گهر موڪليو ويو؟ آمرن خاطر هميشه نظريه ضرورت کي زنده ڪيو ويو، پهرئين، ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين سمورن آمرن کي ??پو هن عدالت مان مليو پر اڄ فوج مارشل لا لڳائڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ جمهوريت ۽ آئين سان گڏ بيٺل آهي، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته خواجه طارق رحيم جيڪو عم??ان خا?? جو وڪيل آهي، سان ڳالهين ۾ مارشل لا نه لڳڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو جيڪو افسوسناڪ آهي، مريم نواز چيو ته ڪڏهن عوام ۽ جمهوريت ۽ جيلن ۾ بي گناهه قيد لکين ماڻهن لاءِ به ڪو نظريه ضرورت زنده ٿيو؟ جسٽس ڪارنيليس جو حوالو ڏيندڙ در اصل جسٽس منير جا پيروڪار آهن، عم??انداري لاءِ انصاف جو رت وهايو پيو وڃي، هن چيو ته گهڙي چور کي توشاخانه ڪيس ۾ به ضمانت ملي وئي آهي، پنڪي پيرني هيري جون منڊيون تحفي ۾ وٺي ٿي، گهڙيون وڪرو ڪري ٿي ۽ القادر جي زمين وٺي ٿي پر جڏهن سوال ڪيو وڃي ٿو ته عدالت ۾ چوي ٿي ته مان گهريلو عورت آهيان. مريم نواز چيو ته هو به هڪ عورت آهي پر عورت هجڻ جي ناطي کيس ڪا سهولت نه ڏني وئي ۽ انتقامي ڪارروايون ڪندي لحاظ نه ڪيو ويو پر مون ضمانت تائين نه ڪرائي ۽ چيو ته جنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ڪري وٺي، اڄ پنڪي پيرڻي کي عدالت جي ڪمري تائين گاڏي ۾ سفيد چادرن جي گهيري ۾ آندو ويو. هن سوال ڪيو ته ڇا ٻين جي گهروارين، ڌيئرن، ڀينرن جي ڪا عزت ناهي؟ جڏهن عم??ان خان اقتدار ۾ هو ته اسان کي ڌڪا ڏيندي عدالتن ۾ وٺي ويندا هئا، تڏهن اهو وساري ويٺو هو ته الله سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي، هن چيو ته عم??ان خان کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ آئين کي ري رائيٽ ڪيو ويو، چار ٽي جو فيصلو آهي پر چيو ويو ته ٽي ٻه جو اقليتي فيصلو مڃيو وڃي، اسان اهو فيصلو ڇو مڃون، فيصلو ڏيندڙن جي ساٿي ججز به ان فيصلي تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته سوموٽو جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ون مين شو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته حمزه شهباز جي حڪومت کي ??وڙي پليٽ ۾ رکي عم??ان خان کي ??يش ڪئي وئي، جڏهن خبر هئي ته اسيمبليون ٽوڙيندو ته هي پاڪستان خلاف گهري سازش هئي جنهن ۾ پرويز الاهي، عم??ان خان کانسواءِ ٻيا به ڪردار شامل هئا جن رليف ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي، هن چيو ته ثاقب نثار اڄ ڪنهن کي ??نهن ڏيکارڻ جي قابل به ناهي ا?? جو پٽ ٽڪيٽون بليڪ تي وڪڻندي پڪڙجي پيو، آصف سعيد کوسا عم??ان خان جي ڌرڻي جي ناڪامي کانپوءِ پاڻ دعوت ڏني ته درخواست کڻي مون وٽ اچو، هن چيو ته ڪرپشن جا دستان شاهراهه دستور تي بيٺل ٽوئن ٽاور جي صورت ۾ سڄي پاڪستان ۾ مشهور آهن، مريم نواز چيو ته سندن احتجاج پرامن آهي ڇاڪاڻ ته هي فارن فنڊڊ نه پر محب وطن ماڻه?? جو ميڙ آهي، هن 9 مئي تي ٿيل حملن ۽ تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته جنهن فتني کي ??الي وڏو ڪيوويو ا?? جو نتيجو 9 مئي جي واقعن جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ جيڪو ڪم ڀارت جهڙو ازلي دشمن ۽ دهشتگرد به نه ڪري سگهيو اهو فتني ڪري ڏيکاريو، هنگامن ۾ نه رڳو ريڊيو اسٽيشن پشاور ۽ اسپتال سميت سرڪاري ۽ نجي ملڪيتون ساڙيون ويون پر ڪور ڪمانڊر جو گهر جيڪو دراصل قائداعظم جو گهرو هو ان کي به نه بخشيو ويو، مريم نواز چيو ته جي ايڇ ڪيو ته پهريون حملو ٽي ٽي پي ۽ ٻيو حملو عم??ان خان ڪيو، اهي جنگي جهاز جنهن سان اسان دشمن جا ويڙهاڪ جهاز نشانو بڻائي ڪيرائيندا هئاسين ۽ اهي قوم جي فخر جي علامت هئا انهن کي ??اڏلي باهه ڏياري ڇڏي. مريم نواز چيو ته پوري پاڪستان ۾ ڪٿي به 500 جي تعداد ۾ به عام ماڻهو نه نڪتا، وڳوڙي پي ٽي آءِ جا تربيتي ماڻهو هئا جن کي زمان پارڪ ۾ پلستر چاڙهي ويٺل عم??ان خان ان تربيت يافته دهشتگردن ذريعي ٽرينڊ ڪيو جن کي ??ن آزاد ڪرايو هو، هن چيو ته هن وڳوڙن تي عم??ان خان چئي ڇڏيو ته مان قيد ۾ هئس ان لاءِ مون کي ڪابه خبر نه آهي، ان وقت عم??ان خان ڪهڙي جيل ۾ بند هو جڏهن شاهراهه دستور تي سول نافرماني ڪندي عم??ان نيازي قبرون کوٽرايون هيون ۽ شلوارون ٽنگيون هيون ۽ پوليس آفيسرن کي حملا ڪرايا، قومي ادارن ۾ گهڙي انهن کي ??قصان پهچايو. مريم نواز چيو ته عم??ان خان کي رينجرز جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي جنهن سندس اها ٽنگ به ٺيڪ ڪري ڇڏي جيڪا 6 مهينن کان ٺيڪ نه ٿي رهي هئي، هن چيو ته عم??ان خان هڪ ئي ڏينهن پٽيشن داخل ڪيون ۽ انهي ڏينهن ضمانتن جي برسات ٿي وئي ۽ آزادي ملي وئي ۽ مرسڊيز ۾ رخصت ڪيو ويو ان لاءِ نيڪ تمنائ?? جو اظهار ڪيو ويو ۽ جيڪي ڏوهه ۽ گناهه نه ڪيا انهن ۾ ضمانتون ڏنيون ويون، هن سوال ڪيو ته ڇا پوري دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي اهڙي طرح جو ضمانتون مليون آهن. هن چيو ته انصاف جو پلڙو سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ڪنهن کي تاحيات ضمانت ۽ ڪنهن کي تاحيات نااهلي نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کان استعيفا جو مطالبو ڪريون ٿا. ان موقعي تي پي ڊي ايم جو سربراهه مولان?? فضل الرحمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.