اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي سينيئر آفيسر محمد عاصم کي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وفا??ي حڪومت جي منظوري سان انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر محمد عاصم جي بدلي ڪري ان کي فوري طور تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ هو اطلاعات واري وزارت جي سينٽر آف ڊي??يٽل ڪميونيڪشن (سائبر ونگ) جي ڊائريڪٽر جنرل طور تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ ??ن وٽ اي پي پي جي اضافي چارج پڻ هئي.